بنون ۾ هٿياربندن طرفان ڪيل ڊرون حملي سبب عورت مارجي وئي آهي. پوليس موجب بنون ۾ هڪ ڊرون ٿاڻي ميريان ۽ ٻيو ڊرون هويد جي علائقي ۾ هڪ گهر تي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ عورت مارجي وئي جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس موجب صبح جو سوير ميريان ٿاڻي تي ڊرون حملي ۾ سولر پليٽس کي به نقصان پهتو. پوليس تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڊرون حملو هٿياربندن طرفان ڪيو ويو ۽ انهي حوالي سان سرچ آپريشن به جاري آهي ڊرون حملي سبب علائقي ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرون گهڻو مٿي هو انهي لاءِ نشانو نه بنائي سگهجيو. پوليس تصديق ڪندي ٻڌايو ته ڊرون حملو هٿياربندن طرفان ڪيو ويو ۽ انهي حوالي سان سرچ آپريشن به جاري آهي.