بنون پوليس چوڪي تي حملو ڪندڙ 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، چڪرين دوران هڪ اهلڪار به شهيد ٿي ويو پوليس موجب بنون ۾ پوليس چوڪي فتح خيل تي دهشتگردن حملو ڪيو، گذريل رات بنون جي علائقي ۾ چوڪي فتح خيل تي نامعلوم دهشتگردن ننڍن ۽ ڳرن هٿيارن سان حملو ڪيو. پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ 03 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي دهشتگرد زخمي به ٿي پيا آهن پوليس موجب ڪارروائي جي دوران هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو، جڏهن ته واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي بنون ڀرسان پوليس چوڪي فتح خيل تي فتنته الهندستان جي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته پوليس رات جي اونداهي ۾ حملو ڪندڙ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو. خيبرپخونخواهه پوليس جي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو گهرو وزارت طرفان آچر تي جاري پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير فتنته الهندستان جي دهشتگردن جو بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن چيو ته زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي جي لاءِ دعاگو آهيون. محسن نقوي حملو ڪندڙ 3 ڀارتي دهشتگردن کي مارڻ تي پوليس کي خراج تحسين به پيش ڪيو. هن چيو ته شهيد پوليس اهلڪار روح نياز جي قرباني کي سلام پيش ڪريون ٿا
وفاقي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پوليس رات جي اونداهي ۾ حملو ڪندڙ ڀارتي حمايت يافته دهشتگردن جو دليري سان مقابلو ڪيو جرئت سان حملي کي ناڪام بنائيندي 3 دهشتگردن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو ويو. محسن نقوي چيو ته پوليس اهلڪار فرض جي راهه ۾ حياتي قربان ڪري شهادت جو اعليٰ مرتبو ماڻيو آهي. خيبرپختونخواهه پوليس جي بهادر سپوتن جي عظيم قربانين کي هميشه ياد رکيو ويندو.