نگلاديش ۾ 50 سالن کان پوءِ سينيما گھرن ۾ پهريون ڀيرو ڀارتي فلم کي رليز ڪيو ويو.بنگلاديش ٺهڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو 12 مئي تي بالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ”پٺان“ کي رليز ڪيو ويو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جون ڊگھيون قطارون لڳي ويون.اداڪار شاهه رخ خان جي ايڪشن فلم پٺان ڀارت سوڌو سڄي دنيا ۾ هلندڙ سال جنوري ۾ رليز ٿي هئي جنهن کان پوءِ ان فلم ڀارت ۾ باڪس آفيس جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بنگلاديش 1971 ۾ آزادي کان پوءِ مقامي فلمسازن جي لابنگ سبب ڀارتي فلمن تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.