بن قاسم پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي هڪ اهڙو ٽولو گرفتار ڪيو آهي، جيڪو سرڪاري اسپتالن ۽ غير سرڪاري دوا ساز ڪمپنين مان مدي خارج دوائون چوري ڪري نوان ليبل لڳائي مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندو رهيو آهي۔پوليس پڌرائي موجب گرفتار جوابدارن ۾ شڪيل، امير، سيف الرحمان، مير عالم، نظام بوستان، حسين ۽ شوڪت شامل آهن۔ پوليس جو چوڻ آهي ته اهي جوابدار ايڪسپائر دوائون ۽ خام مال چوري ڪري انهن کي ٻيهر پيڪ ڪندا ۽ پوءِ مختلف علائقن ۾ وڪرو ڪندا رهيا، جيڪي استعمال ڪرڻ سان شهرين جي زندگين لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿيون۔جاچ دوران انڪشاف ٿيو آهي ته هن نيٽورڪ جو اهم اڳواڻ شڪيل آهي، جيڪو هڪ دوا ساز ڪمپني ۾ سپروائيزر طور ڪم ڪندو هو ۽ ساٿين سان گڏ صحت لاءِ هاڃيڪار دوائون مارڪيٽ ۾ سپلاءِ ڪندو رهيو۔پوليس ٻڌايو آهي ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇاڳاڇا جاري آهي، البت اڃا تائين اهو واضع ناهي ڪيو ويو ته اهي ڪهڙن ميڊيڪل اسٽورن يا اسپتالن کي دوائون سپلاءِ ڪندا رهيا آهن۔