بهاوالپور: مسافر ڪوچ جي ڪار کي ٽڪر، هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا اجل جو شڪار

بهاوالپور جي تعلقي حاصل پور ۾ مسافر ڪوج جي ڪار کي ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن بهاوالپور ريسڪيو ڪنٽرول موجب بهاوالپور کان بهاوالنگر ويندڙ مسافر ڪوچ سامهون کان ايندڙ ڪار کي ٽڪر هنيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪار ۾ سوار هڪ ئي خاندان جا 5 ڄڻا فوت جڏهن ته 3 زخمي ٿي پيا ريسڪيو ڪنٽرول موجب حادثي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيم فوري طور تي موقعي تي پهچي وئي ۽ زخمين کي تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال حاصل پور منتقل ڪيو ويو ريسڪيو ڪنٽرول ٻڌايو ته حادثو حاصل پور چشتيان روڊ تي تيز رفتاري سبب پيش آيو، ڪار ۾ هڪ ئي خاندان جا 8 ڄڻا سوار هئا، جن مان 3 ٿڏي تي فوت جڏهن ته 2 ڄڻا اسپتال ۾ فوت ٿي ويا.