ڪراچي ۾ بوهري برادري اڄ آچر جي ڏينهن عيدالفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهئي رهي آهي. بوهري برادري جي مسجدن ۾ عيدالفطر جي نماز ادا ڪئي وئي. عيدالفطر جي نماز مختلف علائقن ۾ قائم بوهري برادري جي مسجدن ۾ ادا ڪئي وئي، ٻار، عورتون، مرد ۽ بزرگ عيدالفطر جي نماز جي ادائيگي لاءِ مسجد پهتا. صدر، پان منڊي، سولجر بازار، بلوچ ڪالوني، نارٿ ناظم آباد ۽ حيدري ۾ به عيد جي نماز جا اجتماع منعقد ڪيا ويا. سيڪيورٽي ۽ ٽريفڪ جي رواني لاءِ علائقي پوليس ۽ ٽريفڪ پوليس به موجود هئي، عيدالفطر جي اجتماعن ۾ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ دعائون ڪيون ويون. ياد رهي ته پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو جنهن ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ يا نه اچڻ جي باري ۾ اعلان ڪيو ويندو.