بينڪن مان ايف بي آر ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ڊيٽا تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب سيڪيورٽيز، قرض سيڪيورٽيز، ميوچل فنڊز ۽ مني مارڪيٽ مان 5 ڪروڙ تائين رقم نئين سرمائيڪاري جي طور تي سمجهي ويندي جڏهن ته بينڪ مان ساليانو روڪ رقم ڪڍرائڻ جي حد 10 ڪروڙ روپيه مقرر ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ بينڪن ۽ ايف بي آر جي وچ ۾ ڊيٽا جي ڏي وٺ ٿيندي. ايف بي آر ٽيڪس گوشوارن مان حاصل ٿيل ڄاڻ شيڊول بينڪن سان شيئر ڪري سگهندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته بينڪن جي ڊيٽا مان ايف بي آر جديد ڊجيٽل طريقيڪار جي ذريعي ڀيٽ ڪري سگهندو. بينڪن ۽ ايف بي آر جي ڄاڻ مختلف ٿئي ته بينڪن کي حتمي نتيجا ايف بي آر کي ڏيڻا پوندا. جڏهن ته بينڪن مان حاصل ٿيل ڄاڻ صرف ٽيڪس ۽ لاڳاپيل معاملن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. ذريعن موجب ايف بي آر جعلي شين جي مانيٽرنگ لاءِ گريڊ 16 جي ڪنهن به صوبائي آفيسر کي اختيار ڏئي سگهي ٿو.اختيار روينيو يا ايڪسائيز کاتي، ٽيڪنيشن جي ڪنهن به آفيسر کي ملي سگهن ٿا. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي اشتهارات مان حاصل آمدني تي ٽيڪس وٺندڙ ايف بي آر ايجنٽ جي طور تي ڪم ڪندو. ڊجيٽل سروسز، شين يا اشتهارات بابت گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو جڏهن ته گوشوارا جمع نه ڪرائڻ جي ڀڃڪڙي تي هڪ ملين روپيه(10 لک) جو ڏنڊ هوندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته پرڏيهي ڪمپني 120 ڏينهن اشتهار هلائڻ کان پوءِ ڊجيٽل ٽيڪس نه ڏنو ته انهي ڪمپني کي مقامي پليٽ فارم مان ادائيگي نه ٿيندي ۽ اها ادائيگي روڪڻ جو اختيار ڪمشنر انڪم ٽيڪس کي حاصل هوندو.