بي اين پي ڪوئٽه طرف لانگ مارچ کان روڪڻ خلاف سڀاڻي بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪوئٽه ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي(بي اين پي) مينگل جي سينئر نائب صدر ساجد ترين، آغا حسن بلوچ، عوامي نيشنل پارٽي ۽ جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻن بي اين پي جي لانگ مارچ جو رستو روڪڻ جي خلاف شٽربند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب ڪوئٽه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينئر نائب صدر بي اين پي مينگل ساجد ترين ۽ ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن اعلان ڪيو ته سڀاڻي سموري بلوچستان ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي، ٻين سياسي پارٽين سان مشاورت کان پوءِ وڌيڪ احتجاج جو اعلان ڪيو ويندو. ساجد ترين چيو ته حڪمران سازش جي تحت عوام کي نفرت جي رستي تي وجهڻ چاهين ٿا، 28 مارچ کان هينئر تائين  ڪوبه نقصان ناهي ٿيو اسان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، بي اين پي جو لڪپاس تي بلوچ ننگ وناموس ڌرڻو ڏهين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اڄ لانگ مارچ ڪوئٽه طرف روانو ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو لڪپاس کان لانگ مارچ ڪوئٽه اچڻ کان روڪڻ جي لاءِ وڏي فورس مقرر ڪئي وئي آهي. ساجد ترين چيو ته لانگ مارچ روڪڻ جي لاءِ پوليس کان علاوه ايف سي ۽ فوجي اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن، قافلن کي ڌرڻي ۾ شرڪت کان روڪڻ جي لاءِ منگوچر قومي شاهراهه کي به بند ڪيو ويو آهي. بي اين پي مينگل جي اڳواڻ ُڌيڪ چيو ته حڪومت پرامن احتجاج کي ڏنڊي جي زور تي روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، حڪومت جي جمهوري عمل خلاف طاقت جي استعمال جي مذمت ڪريون ٿا، لانگ مارچ 28 مارچ تي وڊهه کان روانو ٿيو هو جيڪو هن وقت مستونگ ۾ لکپاس جي هنڌ تي موجود آهي. هن چيو ته سڄو ڊرامو چونڊن جي ذريعي ايندڙ ناڪام حڪمرانن جو عوامي پريشانين کان پري پري تائين جو ڪوبه تعلق نه آهي.