مليل ڄاڻ موجب بڊاڻي ويجهو ڳوٺ مولا بخش چاچڙ ۾ گهر ۾ اچانڪ باھ لڳڻ سبب پورهيت نظام الدين, نياز علي, عجيب الله ۽ امام الدين چاچڙ جا 4 گهر سڙي رک ٿي ويا گهرن ۾ بيٺل چوپايو مال مينهون, ٻڪريو, رڍون, اناج ۽ نياڻين جي ڏاج سميت گهرن جو الھ تلھ به سڙي ويو متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويٺل, متاثر خاندان ڊي سي ڪشمور توڙي تڪ جا چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي آهي ته اسان مدد ڪئي وڃي