بڊاڻي ۾ گذريل ٻن مهينن کان بجلي بند درزين جو سيپڪو عملدارن خلاف دڪانن اڳيان احتجاج

بڊاڻي شھر شھيد مير مرتضي چوڪ تي رکيل ٽرانسفارمر گريل ٻن مھينن کان سڙيل بجلي بند هجڻ ڪري شھر واسي ۽ درزي سخت پريشان درزين جو سيپڪو ملازمن خلاف احتجاج ان موقعي تي دڪاندارن قربان ڀٽو گل محمد ڇڄڻ وقار سانگي دليپ ڪمار گل محمد سولنگي ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته بڊاڻي شھر جا ٽي ٽرانسفارمر سڙيل آھن سڄو شھر اونداھي ۾ ورتل آھي شھيد مير مرتضي چوڪ تي رکيل ٽرانسفارمر گذريل ٽن مھينن کان سڙيل آهي ٽن مھينن کان اسان بيروزگار ويٺا آھيون عيد ۾ چار ڏينھن رهيل آھن پر بجلي بند آھي اسان شھر واسين 2 لک چندو گڏ ڪري ٽرانسفارمر کي ٺھرايو آھي پر سيپڪو وارا پوء به بجلي ھلائڻ لاء تيار ناھن ھنن وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه کي اپيل ڪئي ته سيپڪو ملازمن جي ناجائزين جو نوٽيس وٺي شھر جي بجلي بحال ڪرائي اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي ته جيئن اسين عيد جا ڪپڙا سلائي ڪري پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي سگهون