تحريڪ انصاف جمعي تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

 پاڪستان تحريڪ انصاف جمعي تي احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻن صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان تڪڙيون چونڊون چاهيون ٿا، پي ٽي  آءِ ميمبرن کي پارليامينٽ مان گرفتار ڪري ايوان جي تقدس کي پامال ڪيو ويو. انهي موقعي تي اپوزيشن اڳواڻ عمر ايوب چيو ته اسان جو صوابي ۾ تاريخي جلسو ٿيو ۽ اسلام آباد جو  جلسو به تاريخي هو.هن چيو ته اسان هن حڪومت کي نٿا مڃون جيڪا جعلي مينڊيٽ ذريعي ٺاهي وئي آهي. اسان جو مطالبو آهي ته فوري طور تي ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرايون وڃن. هن چيو ته اسان علي امين گنڊاپور سان گڏ بيٺل آهيون. اسان جي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جنهن جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. اسان جي ماڻهن خلاف بي بنياد ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.انهي موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني نه آهي. اسان جي ميمبرن کي پارليامينٽ مان گرفتار ڪري ايوان جو تقدس پامال ڪيو ويو.هن چيو ته ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جلسي ۾ پنهنجي تقرير جي دوران عورتن بابت ڳالهيون نه ڪيون آهن. اسد قيصر الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قانون آڻڻ جي لاءِ اسان سان اهڙو  سلوڪ ڪيو پيو وڃي. اسان ملڪ کي انتشار طرف وٺي وڃڻ نٿا چاهيون.