گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي نه لڳڻ گهرجي ڇو ته ان سان ڪوبه فائدو نه ملندو. وقت تي چونڊون نه ٿيون ته 6 مهينن ۾ ملڪي معيشت وڌيڪ خراب ٿي ويندي.نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي راڻا ثناءُالله چيو ته وقت تي چونڊون ملڪي معاشي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ضروري آهن جيڪڏهن وقت تي چونڊون نه ٿيون ته پاڪستان مسئلن جو شڪار ٿي ويندو ۽ ملڪي معيشت وڌيڪ خراب ٿي ويندي.هن چيو ته چونڊون اهڙيون ٿيڻ گهرجن جنهن جا نتيجا سڀني کي قبول هجن ڇو ته 2018 ۾ ٿيندڙ چونڊن جي نتيجن تي اسان ۽ ٻين سياسي پارٽين کي خدشا هئا. جمهوريت خاطر اسان مفاهمت جي رستي تي عمل ڪيو بلاول چيو ته قدم وڌايو اسان اوهان سان گڏ آهيون پر پي ٽي آءِ چيئرمين مخالفت ڪئي.پرڏيهي وزير چيو ته چارٽر آف اڪنامي جو چونڊون ٿيڻ کان پوءِ طئي ٿيڻ ضروري آهي ڇو ته مستقبل ۾ معاشي چيلنجز وڌي سگهن ٿا. هن واضح ڪيو ته پي ڊي ايم سياسي اتحاد نه آهي سموريون پارٽي چونڊن ۾ پنهنجو پنهنجو اميدوارن ميدان ۾ لاهينديون. پنجاب ۾ نوازشريف جو ووٽ بينڪ آهي جيڪو ڪنهن ٻئي وٽ نه ويندو. اسان جو مخالف ووٽ پي ٽي آءِ جو هو جيڪو هاڻ چئن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي جيڪو هاڻ پيپلز پارٽي، جهانگير ترين ۽ (ن) ليگ وٽ واپس ايندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف سميت ڪنهن به سياسي پارٽي تي پابندي نه لڳڻ گهرجي. ماضي ۾ سياسي پارٽي تي پابنديون لڳنديون رهيون آهن پر ڪي به نتيجا حاصل نه ٿيا آهن.