تحريڪ انصاف طرفان پاڪ فوج ۽ جعفر ايڪسپريس ۾ شهيد ٿي ويلن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍڻ جو اعلان

 تحريڪ انصاف پاڪ فوج جي جوانن ۽ جعفر ايڪسپريس ۾ شهيد ٿي ويلن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ پنجاب جي نائب صدر اڪمل خان باري پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس تي حملو ظلم جي انتها آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. اهو پاڪستان تي حملو آهي جنهن کي اسان ڪڏهن به نٿا وساري سگهون. اڪبر خان باري چيو ته جعفر ايڪسپريس ۾ شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 18 مارچ اڱاري جي ڏينهن جي پي او چوڪ کان پنجاب اسيمبلي تائين پرامن ريلي ڪڍنداسين. هن چيو ته پنجاب حڪومت کان درخواست آهي ته ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه وجهي. اها شهيدن سان يڪجهتي جي  اظهار لاءِ ريلي هوندي. جنهن ۾ جعفر ايڪسپريس سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ بهادر فوجين سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪيو ويندو. ريلي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن، وڪيل، سول سوسائٽي جا اڳواڻ به ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا.