تلهار لڳ ڳوٺ عبدالرشيد شيخ ۾ بااثرن پاران زريعي زمين تي هارپو ڪنڌڙن تي مبينه فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏهن ته زخمي تلعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو زخمين ۾ حاجي شيخ، لطف الله شيخ ۽ عزيز الله شيخ شامل آھن زخمين کي طبي امداد ڏيئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي هوڏانهن زخمين جي وارثن هاشم قائم سليمان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته ڳوٺ جا بااثر گل محمد ۽ هڪ پوليس اهلڪار رياض اسان جي زريعي زمين تي هلان ڪري ڀائرن تي سدا فائر ڪري سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا آھن، اسان غريب آھيون، جوابدار بااثر آھن. اسان سان انصاف ڪيو وڃي.