تنگواڻي,ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ تي مگسي اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿياربندن ڪوئٽه کان

تنگواڻي,ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ۾ ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ تي مگسي اسٽاپ وٽ نامعلوم هٿياربندن ڪوئٽه کان بهاولپور ويندڙيمسافر ڪوچ مٿان فائرنگ ڪري مسافر ڪوچ کي يرغمال بڻائي هٿيارن جي زور تي روڪي مسافر عورتن ٻارن کان روڪ رقم سونا زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا,مسافرن ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ مگسي اسٽاپ وٽ امتياز خان,محمد رحيم,خادم علي ۽ ٻين مسافرن جي اڳواڻي ۾ بلاڪ ڪيو جنهن گاڏين جون قطارون لڳي ويون,ان موقعي تي مسافرن احتجاج ڪندي چيو ته ڏوهارين اسان جو جيئڻ جنجال ڪيو آ ڦرون ڌاڙيل روز جو معمول بڻيل آهي ڪير به چوڻ وارو نه پوليس کي خبر هوندي به ڏوهارين خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري اسان اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته ڏوهاري گرفٿار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي