”تنگواڻي پوليس جو مبينا ڪوڙو مقابلو، ظفر لاشاري مارجي ويو، وارثن پاران ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاج“

ڪنڌڪوٽ احتجاجي مظاهرو ڪندڙن مارجي ويل ظفر علي ولد ڄام لاشاري جي وارثن ڄام لاشاري ساجد لاشاري، ڪي ڪي لاشاري حاجي حاجاڻو خان لاشاري احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي شھيد ڪيو آھي ايس ايڇ او تنگواڻي شاھد خشڪ اسان جي نوجوان ظفر علي لاشاري کي پنھنجي ڳوٺ جي رستي ۾ پڪڙي کڻي وئي جنھن کان بعد پوليس اسان جي نوجوان کي آزاد نه ڪرڻ لاء ڳري رقم گھري ھئي جنھن جي نه ڏيڻ جي ڪري اسان جي نوجوان کي پوليس بيگناه ڏوھاري ڄاڻائي شھيد ڪيو ويو آھي اسان اعلي عملدارن آء جي سنڌ ڊي آء جي لاڙڪاڻه ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪريون ٿا ته فلفور نوٽيس وٺي اسان جي بيگناهه شھيد ٿي ويل ظفر لاشاري جي خون سان انصاف ڪري ملوث پوليس اھلڪارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجي مظاهرو وڌايو ويندو،