تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي تي نئون روڊ ڀرسان ھٿياربندن موٽر سائيڪل ڦر جي ڪوشش مزاحمت دوران فائرنگ ۾ ھوٽل ۾ ويٺل خان محمد قمبراڻي گوليون ھڻي قتل، ھڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو. لاش ضروري ڪاروائي لاء ڪنڌڪوٽ منتقل ڪيو ويو، رابطي تي پوليس ٻڌايو تہ ڦورن پاران اسٽاپ ۾ ڦر دوران فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھوٽل ويٺل نوجوان مارجي ويو. ٻئي طرف وارثن تنگواڻي پوليس ٿاڻي جي حد نئون روڊ ٺل – ڪنڌڪوٽ انڊس هائ وي تي ڦر دوران قتل ٿيل نوجوان خان محمد قمبراڻي جي وارثن مردن عورتن جو لاش رکي انڊس هائ وي ڌرڻو روڍ بلاڪ ڪري ڇڏيو. عورتن جون دانهون. ان موقعي تي وارثن دين محمد قمبراڻي.قمرالدين قمبراڻي. اشرف قمبراڻي. مسمات صندل خاتون. مسمات آمنه خاتون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن لاش رکي روڍ بند ڪري ڇڏيو هنن چيو تہ سرعام هٿياربند ڦر ڪن ٿا پوليس ڏسندي رهي ٿي ڏينهن ڏٺي جو سرعام هٿياربند گهمي رهيا آهن پوليس جي رٽ مڪمل خٿم آهي هنن مطالبو ڪيو تہ قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي اسان انصاف ڪيو وڃي.