تنگواڻي: ڌاڙيلن جي فائرنگ ۾ ڊرائيور قتل، ڌرڻو

مليل ڄاڻ موجب پوليس جي چوڪي هجڻ جي باوجود به ڌاڙيل روڊن تي نڪري آيا تنگواڻي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي تي صيفل اسٽاپ وٽ ھٿياربندن جي ٽولي مسافر گاڏين کان ڦر لٽ لاء ھاء وي بلاڪ ڪري فائرنگ ٺل کان ڪنڌڪوٽ ويندڙ مسافر وين جو ڊرائيور محمد يعقوب ٻرڙو فائرنگ ۾ گولي لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويو پوليس ننڊ ستل ڊرائيورن پاران لاش انڊس هاءِ وي وٽ رکي ڇڏيو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو پوليس جي چوڪي آهي پوءِ به سر عام ڌاڙيل ڦر ڪن ٿا