توشه خانه ڪيس: پي ٽي آءِ چيئرمين جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور

اسلام آباد :جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست منظور ڪري ورتي آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل گوهر علي خان حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز چيو ته پي ٽي آءِ جا 4 وڪيل آهن، وقت ضايع ڪيو پيو وڃي.گوهر علي خان چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جو سينئر وڪيل خواجه حارث آهي. اليڪشن ڪميشن جو وڪيل صرف پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيو آهي. گوهر علي خان ٻڌڻي 10 جولاءِ تائين ملتوي ڪرڻ جي استدعا ڪئي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل دير جا طريقا استعمال ڪري رهيا آهن. هنن جي نيت دليل ڏيڻ جي نه آهي.سيشن عدالت هڪ ڏينهن ۾ 3-3- درخواستن تي به فيصلا جاري ڪيا آهن. گذريل 3 ڏينهن دوران هڪ ڀيرو به وڪيل خواجه حارث پيش نه ٿيو آهي. عدالت چيو ته انڊر ٽيڪنڪ اوهان ڏني آهي ته خواجه حارث پيش ٿيندو. هر ڀيري جي ڪيل ڪمنٽمينٽ جو ڇا ٿيندو؟ سيشن جج چيو ته جوابدار وٽ ئي حق هوندو آهي؟ درخواستگذار جو ڪوبه حق نه هوندو آهي؟ اوهان جو رويو ئي عدالت طرف صحيح نه آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل گوهر علي خان کي مخاطب ٿيندي جج چيو ته ڪابه هڪ ٻڌڻي ٻڌائي ڇڏيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ پيش ٿيو هجي. جنهن تي وڪيل چيو ته حڪومت پاڻ چيو ته پي ٽي چيئرمين کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران خطرا آهن.سيشن جج ريمارڪس ڏنا ته توشه خانه ڪيس ۾ عدالت اوهان لاءِ گهڻو نرم رويو رکي رهي آهي. ايتري نرم رويي جي مثال ٻيو ڪٿي نٿو ملي. وقفي کان پوءِ دليل ڏيو ٻئي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي ٻڌي فيصلو ڪري ڇڏينداسين.