راولپنڊي: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته تڪراري چونڊون ملڪ جي تباهي جو سبب بڻجنديون اسان اهڙين چونڊن جي سخت خلاف آهيون.راڻا ثناءُالله راولپنڊي ۾ وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته چونڊون تڪراري طريقي سان ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. چونڊون ڪرائڻ کان ڊڄون نٿا پر هن چونڊن لاءِ سياسي پارٽين ۽ ججز ۾ به اتفاق نه آهي.هن چيو ته اهي تڪراري چونڊون ملڪ ۾ تباهي آڻينديون ان کان اڳ 1971 ۽ 77 جون چونڊون به تڪراري هيون. هڪ چونڊ ملڪ کي ٽوڙيو جڏهن ته ٻئي چونڊ دهشتگردي ڏني.گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ٽيون ڀيرو چونڊون تڪراري ٿيون ته ان سان ملڪ ۾ تباهي ايندي. اسان اهڙي تباهي جي خلاف آهيون. اسان جي اهڙي موقف جي سپريم ڪورٽ ججز جي اڪثريت به مڃيو آهي.راڻا ثناءُالله وڌيڪ چيو ته هڪ ماڻهو پنهنجي انا ۽ ضد تي قائم آهي. ڪڏهن هو لانگ مارچ ۽ ڪڏهن عوام ذريعي چونڊون چاهي ٿو. چونڊون ضرور ٿين پر وقت ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مرضي ۽ راءِ سان. جن چونڊن تي سياسي پارٽين، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين ادارن جو به اتفاق ناهي ته اهڙيون چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون.