بالي ووڊ جي ليجنڊري ڪاميڊين جوني ليور پاڪستان اچڻ جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي. جوني ليور جي سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڀارتي اداڪار پاڪستان ۽ پاڪستاني فنڪارن معين اختر، عمر شريف ۽ امان الله سميت ٻين جو ذڪر ڪيو. ڀارتي ڪاميڊين سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت پنجاب جي گادي واري شهر لاهور اچڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو . جوني ليور پاڪستاني ڪاميڊين اداڪار عمر شريف کي ياد ڪندي چيو ته هو سندس پٽ سان رابطي ۾ آهي ۽ پاڪستان وڃي عمر شريف جي فيملي سان ملڻ چاهيندو