جاني ۽ مالي نقصان سميت فصلن جو مڪمل جائزو ورتو وڃي، وزيراعظم جون هدايتون

وزيراعظم شهباز شريف لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي آهي ته سيلاب ۽ تيز برساتن سبب جاني ۽ مالي نقصان، فصلن، رابطن جي ذريعن ۽ مال مويشي کي پهتل نقصان جو اصل تخمينو تيار ڪيو وڃي.وزيراعظم آفيس موجب، شهباز شريف جي صدارت هيٺ سڏايل اجلاس ۾ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، وفاقي وزير موسميات مصدق ملڪ، احسن اقبال، عطا الله تارڙ، احد خان چيمه، صوبن جا چيف سيڪريٽريز ۽ چيئرمين اين ڊي ايم اي شرڪت ڪئي.اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته ڪمند، ڪپهه ۽ چانور جي فصلن جي نقصان جو جائزو ورتو ويو آهي ۽ ايندڙ 10 کان 15 ڏينهن ۾ مڪمل رپورٽ تيار ٿيندي.وزيراعظم زور ڏنو ته مڪمل تخمينو تيار ٿيڻ بعد بحالي جي حڪمت عملي جوڙبي، ۽ سڀئي وفاقي ۽ صوبائي ادارا باهمي هم آهنگي سان ڪم ڪن. اسپارڪو کان سيٽلائيٽ مدد حاصل ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.شهباز شريف چيو ته متاثر علائقن ۾ فصلن جي ٻيهر پوک، رابطن جا ذريعا ۽ رستا بحال ڪرڻ کي اوليت ڏني وڃي، جڏهن ته وفاقي وزير ۽ ادارا بحالي واري مرحلي ۾ عوام سان گڏ موجود رهن.