ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ نياز احمد خان کوسو نزد رسالدار يوسي رسالدار م جديد دور ۾ بنيادي سھولتن محروم بڻيل تڪ جي چونڊيل نمائندن ايم اين اي ڪشمور سردار علي جان خان مزاري ايم پي اي ڪشمور عبدالرؤف کوسو جي هوندي به بي ڌياني جو شڪار بڻيل آهي ڳوٺ م پاڻي جي سهولت کان محروم آهن پاڻي مٺو نه هجڻ ڪري پري پري کان پاڻي لاءِ پريشان آهن معصوم ٻارڙا توڙي مرد ء عورتون ء علائقي واسين جو ڳوٺ کان ٻه کان ٽي ڪلو ميٽر پري پري پاڻي ڀرڻ لاءِ وڃن ٿا پھريون مسئلو مٺو پاڻي اسڪول جي بلڊنگ پي پي ايڇ اسپتال بجلي جو جيڪو پنج پولن جي نه هجڻ ڪري اسان بجلي کان محروم ٿي ويا آھيون شاهي واري پل جيڪو سالن کان زبون حال آهي ان جي مرمت ڪيو وڃي شاهي پل کان سوئي پل تائين ٻه ڪلو ميٽر روڊ کان محروم آهيون بارشون هجڻ ڪري علائقي واسي گهڻو تڪليف کي منهن ڏيڻو ٿو پوي سبب ڳوٺاڻا گھرن جي پاڻيء جي نيڪال جو سسٽم نه ھئڻ ۽ گذر گاھ وارو مک رستو پڪو نه ھئڻ ڪري سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن جڏھن ته روڊ رستا پڪا نه ھئڻ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال وارو سسٽم نه ھئڻ ڪري ڳوٺ نياز احمد خان کوسو جديد دور ۾ به پٿر جي دور واري زندگي گھارڻ تي مجبور بڻيل آھن جڏھن ته پنج ڏينھن پيل برسات ڳوٺاڻن لاء رحمت بدران زحمت بڻجي وئي ڳوٺاڻن محمد ابراهيم کوسو دلوش کوسو علي محمد سومرو فاروق کوسو بلاول کوسو راشد کوسو گڊو کوسو نيڪ محمد کوسو نظر علي کوسو سچل نصيراڻي شوڪت نصيراڻي ميهوال گولاٽو علي مراد گولاٽو جو وڏي آبادي وارو قديمي ڳوٺ آھي ھتان ھر دور ۾ پ پ پ جا نمائندا اليڪشن کٽندا آھن پر ان باوجود به اسانجي ڳوٺ جي اڌ آبادي بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھي جڏھن ته اسان سڀئي پ پ پ جا ووٽر آھيون ان باوجود به اسان کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي ٿو اسانجي ڳوٺ ۾ گھرن جي گندي نيڪال جي پاڻيء جو سسٽم نه ھئڻ ڪري گندو پاڻي گھرن اندر تلاء جي شڪل ۾ بيٺل رھي ٿو جڏھن ته گذر گاھ جو رستو پڪو نه ھئڻ ڪري برسات پوڻ بعد اسان گھر کان ٻاھر به نٿا نڪري سگھون ھنن چيو ته ساڳئي ئي رستي تي ڳوٺ جي جامع مسجد پڻ آھي جنھنجي اڳيان ھر وقت نيڪال جو گندو پاڻي موجود رھي ٿو جتان گذرڻ دوران نمازين جا ڪپڙا خراب ٿين ٿا جڏھن ته بنيادي سھولتون ميسر نه ھئڻ ڪري ھتان جا رھواسي عذيت واري زندگي گھاري رھيا آھن