جعفر ايڪسپريس حملو جو ماسٽر مائينڊ ۽ فتنہ الهنــدوسـتان جو دهشتگرد گل رحمان افغانستان ۾ مارجي ويو

ڪابل: جعفر ايڪسپريس حملو جو اهم ماسٽر مائينڊ ۽ فتنہ الهنــدوسـتان جو دهشتگرد گل رحمان عرف استاد مريد افغانستان ۾ پراسرار طور مارجي ويو آهي۔ ذريعن موجب گل رحمان 17 سيپٽمبر 2025 تي صوبي هلمند ۾ مارجي ويو۔ هو فتنہ الهنــدوسـتان جي مجيد بريگيڊ جو ٽرينر ۽ آپريشن ڪمانڊر رهيو، جيڪو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز، چيني شهرين ۽ معصوم شهرين تي ڪيترن ئي دهشتگرد حملن ۾ ملوث رهيو۔ دهشتگرد گروپ فتنہ الهنــدوسـتان جعفر ايڪسپريس ڌماڪي، ڪراچي ۾ چيني ڪونسليٽ، گوادر پي سي هوٽل، خضدار اسڪول بس ڌماڪو، ڪراچي ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ خودڪش حملو، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي دهشتگردي جا واقعا سرانجام ڏنا هئا۔ واضح رهي ته آمريڪا اڳ ئي فتنہ الهنــدوسـتان جي مجيد بريگيڊ کي عالمي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۽ چين گڏجي ان گروپ کي اقوام متحده جي دهشتگرد فهرست ۾ شامل ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔ ذريعن جو چوڻ آهي ته گل رحمان جي افغانستان ۾ مارجي وڃڻ سان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو ثابت ٿيو آهي ته افغان سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿي رهي آهي۔