جعفر ايڪسپريس حملو: ڊي جي آءِ ايس پي آر اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو

 ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري اڄ 3:30 وڳي جعفر ايڪسپريس حملي جي حوالي سان هڪ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. بلوچستان جو وڏو وزير به ڊي جي آءِ ايس پي آر سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ موجود هوندو، جنهن ۾ واقعي ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران ريسڪيو آپريشن تي بريفنگ ڏني ويندي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ بلوچستان جو وڏو وزير جعفر ايڪسپريس تي حملي ۽ ريسڪيو آپريشن سان لاڳاپيل اهم نقطا پيش ڪندا.