جعفر ايڪسپريس سانحو: ادارن خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ جوابدار بني گالا مان گرفتار

 ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سرڪل اسلام آباد وڏي ڪارروائي ڪندي رياستي ادارن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ مهم هلائيندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ حيدر سعيد جي نالي سان ٿي، جوابدار کي ڇاپه مار ڪارروائي دوران بني گالا اسلام آباد کان گرفتار ڪيو ويو. جوابدار جعفرايڪسپريس سانحي جي دوران ادارن جي خلاف منفي پروپيگنڊا ۽ توهين جوڳو مواد شيئر ڪيو. جڏهن ته جوابدار سوشل ميڊيا تي پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيمن جي حمايت ۽ انهن جي مشهوري ڪرڻ ۾ ملوث پڻ ڏٺو ويو. جوابدار نه صرف رياستي ادارن جي خلاف زهر اوڳاڇيندڙ مهم هلائي رهيو هو پر دهشتگردن جي حق ۾ چڙ ڏياريندڙ بيان ۽ مواد به شيئر ڪندو رهيو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته جوابدار جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ ڊيجيٽل شاهديون قبضي ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جوابدار جي خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.