ملتان: جلال پور پيروالا ۾ ٻوڏ متاثرين جي لڏ پلاڻ دوران ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 20 کان وڌيڪ ماڻهو درياهه ۾ ٻڏي ويا، جن مان پنج ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏهنته ڪيترن ئي کي ريسڪيو ڪيو ويوريسڪيو 1122 موجب ٻيڙي ۾ سوار هڪ عورت ۽ 3 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهنته هڪ ٻار اڃا تائين گم آهي، جنهن جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي. رضاڪارن جي بروقت ڪارروائي سان 12 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ بڻايو ويو. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺهيا، ڊي سي ملتان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري حادثي بابت تفصيلي بريفنگ ورتي ۽ زخمين کي بهترين طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي. هن زور ڏنو ته لڏ پلاڻ دوران ڪنهن به ٻيڙي ۾ اوورلوڊنگ نه ڪئي وڃي ۽ متاثرين کي محفوظ انداز ۾ منتقل ڪيو وڃي. ريسڪيو ترجمان ٻڌايو ته فلڊ آپريشن دوران ملتان مان 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهنته ساڍا 3 لک کان وڌيڪ ماڻهو ۽ جانور اڳواٽ لڏپلاڻ ذريعي محفوظ ڪرايا ويا. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف المناڪ حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو.