پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته جلسن يا جلسون سان پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر نٿو اچي سگهي.صحافين سان ڳالهيون ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته خيبرپختونخواهه جي بدقسمتي آهي ته انهي کي پي ٽي آءِ باني جهڙو حڪمران ملي ويو. ڪي پي ڪي ۾ رهندڙ ماڻهن جي نصيب ۾ شايد جلسا ۽ جلوس لکيل آهن. اڄ ٻيهر هي ماڻهو اسلام آباد ۾ تماشو ڪرڻ وڃي رهيا آهن پر جلسن يا جلوسن سان پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر نٿو اچي سگهي.مولانا فضل الرحمان جي حڪومت تي تنقيد جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ عظميٰ بخاري چيو ته مولانا فضل الرحمان اسان جو وڏو آهي انهي جي بيان تي مان رد عمل نه ڏيندس.هن چيو ته ڊيرا غازي خان جون حالتون وڌيڪ بهتر نه آهن. پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ڊي جي خان جو دورو ڪري نيوٽريشن پروگرام جي شروعات ڪئي. گهڻن ماڻهن کي نيوٽريشن پروگرام تي به اعتراض آهي. پنهنجو گهر پنهنجي ڇت پروگرام به پنجاب جي پٺتي پيل علائقن جي شهرين لاءِ آهي.