جماعت اسلامي ڪشمور پاران ريلي ڪڍي وئي

ڪشمور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جماعت اسلامي جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا.جماعت اسلامي ڪشمور جي نائب امير صوبا سنڌ حافظ نصراللہ عزيز چنا ۽ مقامي امير افضل عطا ڪلور جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.احتجاجي ريلي علمدار چوڪ کان ڪشمور پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ڪشمور ۾ ڏينهون ڏينهن ڦر، اغوا ۽ لٽ مار جي واقعن کان تنگ اچي شهري روڊن تي نڪري آيا آهن.حافظ نصراللہ عزيز شريف ڪاروباري شهري ڌاڙيلن کان نه ڏينهن جو محفوظ نه رات جو محفوظ، مجبورن ڪشمور شهر ڇڏڻ تي تيار آهن حافظ نصراللہ عزيز نائب امير جماعت اسلامي صوبا سنڌ پوليس شهرين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي وئي آهيپوليس منشيات فروشن، جسم فروشن ۽ غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن کان ڀتا وصول ڪرڻ ۾ مصروف ڌاڙيل وچ شهر ۾ ڏينهن جي روشني ۾ شهرين کي ڦريون وڃن ٿا ، جيڪڏهن شهري مزاحمت ڪن ٿا ته گوليون هڻي کيس زخمي ڪيو وڃي ٿو ڌاڙيل ڪلچر سبب شهرين جي زندگي مفلوج ٿي وئي آهي، ڪاروبار به ٺپ ٿي ويو آهي.مقامي امير افضل عطا ڪلوڙايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪيون ٿا ته نااهل ايس ايڇ او ڪشمور کي هٽائي شهر ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي