جمهوريت پاڪستان جو مستقبل آهي، صدر آصف علي زرداري

صدر آصف علي زرداري عالمي يومِ جمهوريت جي موقعي تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته ادارن ۾ اصلاحات وقت جي ضرورت آهن ۽ پاڪستان جو مستقبل مضبوط جمهوريت سان جڙيل آهي.صدر چيو ته يومِ جمهوريت عوام کي سياسي، معاشي ۽ سماجي حقن جي ياد ڏياري ٿو. جمهوريت رواداري، شموليت ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي جي ضمانت آهي.هن وڌيڪ چيو ته 1973ع جو آئين پاڪستان جي سڀ کان وڏي جمهوري ڪاميابي آهي، جيڪو عوام کي بااختيار بڻائي ٿو. اڳواڻن جون قربانيون جمهوريت جي استحڪام جو ثبوت آهن.صدر زرداري جو چوڻ هو ته پارليامينٽ پاليسي سازي ۽ عوامي آواز جو مرڪز آهي، ۽ جمهوريت سان ئي معاشرتي انصاف، برابري ۽ ترقي ممڪن آهي.هن چيو ته قانون جي حڪمراني ۽ مساوات جمهوريت جا بنياد آهن، جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي جدوجهد جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تاريخي حيثيت رکي ٿي.