جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ نوابزاده گهرام بگٽي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر ڊيره بگٽي نوابزاده گهرام بگٽي جي گرفتاري لاءِ ٿري ايم پي او جي تحت حڪم جاري ڪيا ويا هئا. پوليس جي ٽيم بگٽي هائوس ڊيره بگٽي مان بنا ڪنهن مزاحمت جي نوابزاده گهرام بگٽي کي گرفتار ڪيو، ايس ايس پي ڊيره بگٽي موجب نوابزاده گهرام بگٽي کي 30 ڏينهن جي لاءِ جيل منتقل ڪيو ويندو. ياد رهي ته نوابزاده گهرام بگٽي بلوچستان حڪومت جي خلاف اڄ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو. جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ نوابزاده شاهزين بگٽي گهرام بگٽي جي گرفتاري کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته نوابزاده گهرام بگٽي جي گرفتاري کي عدالت ۾ چيلينج ڪنداسين، انهي کان پوءِ پنهنجي وڪيلن جي مشوري سان آئنده جو لائحه عمل طئي ڪنداسين.