سپريم ڪورٽ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل ڪيس ۾ اٽارني جنرل پاڪستان منصور اعواڻ عدالت کي ٻڌايو ته جناح هائوس حملي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي فوج جي 3 اعليٰ آفيسرن کي بنا پينشن ۽ مراعتن جي رٽائرڊ ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلينز جي ٽرائل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران اٽارني جنرل منصور اعواڻ دليل ڏنا. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جناح هائوس حملي ۾ ڪوتاهي ڪرڻ تي فوج محڪماڻي ڪارروائي ڪئي ۽ 3 اعليٰ آفيسرن کي بنا پينشن ۽ مراعتون ڏيڻ جي رٽائرڊ ڪيو ويو. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته بنا پينشن جي رٽائرڊ ٿيندڙن ۾ هڪ ليفٽيننٽ جنرل، هڪ برگيڊيئر ۽ ڪرنل شامل آهن. اٽارني جنرل چيو ته 14 آفيسرن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، هاڻ اهڙن 14 آفيسرن کي اڳيان ترقي نه ملي سگهندي. جسٽس جمال مندوخيل سوال ڪيو ته ڇا فوج ڪنهن آفيسر جي خلاف فوجداري ڪارروائي به ڪئي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته فوجداري ڪارروائي تڏهن ٿئي جڏهن ڏوهه ڪيو هجي، محڪماڻي ڪارروائي 9 مئي جو واقعو نه روڪڻ تي ڪئي وئي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ واضح آهي ته محڪماڻي ڪارروائي سان گڏ فوجداري سزا به ٿيندي. انهي تي اٽارني جنرل چيو ته صبر جو مظاهرو ڪندڙ آفيسرن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ عدالت ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائل جي فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو هن هفتي ٻڌايو ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت ملٽري ڪورٽس ۾ سويلنز جي ٽرائل واري فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو جيڪو هن ئي هفتي ٻڌايو ويندو.