لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته جنرل باجوه، ثاقب نثار سميت سمورن جا مفاد پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.پي ڊي آءِ لاهور آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته اڄ حالتون اهڙي نتيجي تي پهچي چڪيون آهن جو هاڻ ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي مڪمل طور تي سچ ڳالهائڻو پوندو. ميثاق جمهوريت ٿيو ته ڪجهه ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي لڳندو ته انهن جي خلاف اتحاد بڻجي چڪو آهي.هن چيو ته عمران خان ادارن ۾ ويٺل ماڻهن سان ملي ايندڙ 10 کان 15 سالن جي منصوبه بندي ڪئي هئي ان لاءِ عمران خان کي ٻيهر اقتدار ۾ آڻڻ جي لاءِ سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي.وفاقي وزير چيو ته ڪوئٽه ۾ وڪيل اڳواڻ امان الله، جسٽس شوڪت صديقي، جنرل باجوه، ثاقب نثار سميت سڀني جا اعتراف ظاهر ڪري رهيا آهن ته سڀني جا مفاد هڪ ٻئي سان جڙيل آهن. جيڪڏهن عمران خان غلط چئي رهيو آهي ته جنرل باجوه سچيون ڳالهيون ڇو نٿو ڪري؟ ان کي ڪنهن روڪي رکيو آهي؟ ڇا رياستي ادارا ڪمزور ٿي چڪا آهن؟ليگي اڳواڻ چيو ته اوهان ڪچي ۾ آپريشن ڪندو ته ڪامياب پر زمان پارڪ يا ظهور الاهي روڊ تي ڪندو ته ناڪام. اها حڪومت جي ذميواري نه آهي پر ادارن ۾ ويٺل ماڻهن کي انصاف ڪرڻ جي ذميواري آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عالمي طاقتن جي ويجهو سي پيڪ، ميثاق جمهوريت، دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ جو خاتمو مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ نوازشريف جا ڏوهه آهن. نوازشريف کي چونڊ مان ٻاهر ان لاءِ رکيو پيو وڃي ڇو ته نوازشريف ان عالمي طاقتن جي مفاد خلاف آهي.وفاقي وزير جاويد لطيف چيو ته اڄ رياست وڌيڪ قرباني جو بار برداشت نٿي ڪري سگهي. هنن کي قانون کي لاڳو ڪرڻ مارچ، اپريل 2023 ۾ ڇو ياد اچي رهيو آهي؟ 2015 يا 2022 ۾ آئين ٻيهر لکڻ وقت ڇو ياد نه آيو؟ اڄ به ادارن ۾ ويٺل ماڻهن جا مفاد عمران خان سان جڙيل آهن.ليگي اڳواڻ چيو ته اسان اعتراف ڪريون ٿا ته 2015 ۾ ڪيل سازش وقت جيڪڏهن اسان بيهي رهون ها ۽ قوم کي کلي حقيقت ٻڌائي ڇڏيون ها ته اڄ حالتون اهڙيون نه هجن ها. 2017 ۾ نوازشريف جي نااهلي وقت مسلم ليگ(ن) بيهي رهي ها ته اهڙي صورتحال سامهون نه اچي ها.هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته دهشتگردن جي ونگز، ادارن کي ڪمزور ڪندڙن سان ڳالهيون ناهن ٿيون، ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن سان ڳالهيون ناهن ٿينديون. هن قوم کي انتشار ۾ مبتلا ڪندڙن سان ڪهڙي بنياد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. جاويد لطيف وڌيڪ اڄ دنيا ۾ اهو تاثر پيدا ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان هڪ ناڪام رياست آهي. اسان ميثاق جمهوريت ڪري پردي پٺيان ڪيل ڪمن جو اعتراف ڪري ورتو آهي. هان ادارن ۾ ويٺل سازش جو حصو بنجندڙ ماڻهن جي ذميواري آهي. ادارن ۾ ويٺل سمورا ماڻهو جسٽس کوسه يا ثاقب نثار نه آهن ڪجهه مانهو جسٽس شوڪت صديقي يا قاضي فائز عيسيٰ به آهن جيڪي عمران خان جي سهولتڪاري ڪندا رهيا پر نوازشريف کي ميدان ۾ آڻڻ لازمي هوندو پوءِ ئي چونڊون ٿي سگهن ٿيون.