جوهي لڳ نئين گاج پار ڪندي ٻه پورهيت نئين گاج جي وهڪري ۾ 2 نوجوان لڙھي ويا، مقامي ماڻهن هڪ کي بچائي ورتو، هڪ ڄڻو ٻڏي ويو آهي. نئين گاج تي مزدوري لاءِ آيل عمر ڪوٽ ڇاڇرو جي رهواسي نوجوان روشن علي رند ۽ شڪارپور جو رهواسي بادشاهه لاشاري لڙهي ويا جن مان هڪ پورهييت بادشاهه لاشاري کي ٽوٻن بچائي ورتو، جڏهن ته روشن رند ٻڏي ويو آهي. پورهيت نئين گاج ڊيم تي مزدوري ڪندا آھن نئين جي وهڪرو پار ڪندي نئين جي تيز وهڪري ۾ لڙھي ويا مقامي ٽوٻن پاران ٻڏي ويل نوجوان جي ڳولا جاري آھي. پوليس موجب نئين گاج جي تيز وهڪري ۾ لڙهي ويل ٻن پورهيت مان هڪ پورهيت بادشاهه لاشاري کي بچايو ويو آھي، جڏھن ته نوجوان روشن رندجي ڳولا جاري آھي. کيرٿر جي جابلو پٽي تي برساتن کانپوءِ نئين گاج 18 فٽ بعد 22 فوٽ وهي آئي. نئين گاج جي وهڪرن سبب يوسي ڊرگهه بالا، يوسي ساوڙو، يوسي پٽ گل محمد جي سوين ڳوٺن جا رستا بند ٿي ويا. نئين گاج جي تيز وهڪري سبب رستا ٻڏي وڃڻ ڪري ڪاڇي واسين جو جوهي دادو هيڊ ڪوارٽر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي جنهن سبب هزارين رهواسي پريشان آهن ايف پي بند ڪمزور هئڻ ڪري جوهي جا شھري خوف واري حالت ۾ آهن علائقي واسين موجب چونڊيل نمائنده ۽ ايري گيشن عملو غائب آهي.