دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پي ٽي آءِ جي ٽن اڳواڻن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت تحريڪ انصاف جي اڳواڻن خلاف جوڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اي ٽي سي جي جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت مراد سعيد، حماد اظهر ۽ فرخ حبيب کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت ٽنهي جوابدارن کي مسلسل غير حاضري تي اشتهاري قرار ڏنو جڏهن ته واثق قيوم عباسي، راجه بشارت ۽ غير حاضر ڪارڪنن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت موجود جوابدارن جي حاضري کان پوءِ ٻنهي ڪيسز تي وڌيڪ ٻڌڻي 7 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خلاف رمنا ٿاڻي ۾ 2 ڪيس داخل ٿيل آهن.