جيڪب آباد ۾ سلطان ڪوٽ ۽ آباد اسٽيشن جي ڀرسان ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ جعفر ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون ريلوي اختيارين موجب ٽريڪ تي ڌماڪو صبح 10 لڳي 20 منٽن تي ٿيو. ڌماڪي سبب جعفر ايڪسپريس جون 3 بوگيون پٽڙي تان لهي ويون آهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ريلوي ٽريڪ ڌماڪي جو نوٽيس وٺندي زخمين کي فوري طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، وڏي وزير ڌماڪي جي مڪمل جاچ جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي سنڌ جي وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڌماڪو انهي وقت ٿيو جڏهن ٽرين ٽريڪ ڪراس ڪري رهي هئي ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن پر خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو آهي ريلوي ٽريفڪ متاثر ٿيڻ سبب ٻين ٽرينن جي روانگي عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آهي. وڏي وزير حڪم ڏنو ته واقعي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، هن چيو ته ڌماڪو رياست جي خلاف ڪارروائي آهي، ڪنهن کي به معاف نه ڪيو ويندو.