جيڪب آباد ڀرسان مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهه بخش جکراڻي ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويندڙ عورت ورڪر سان زيادتي ڪئي وئي، عورت پوليو ورڪر سان زيادتي جي اطلاع تي ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او واردات واري هنڌ پهتا.متاثر ٿيل عورت کي ميڊيڪل لاءِ جمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس ميڊيڪل لاءِ جزا ورتا ويندا ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليو ورڪر عورت ڦڙا پيارڻ لاءِ ڳوٺ الهه بخش جکراڻي پهتي ته جوابدارن پسٽل جي زور تي ساڻس زيادتي ڪئي.واقعي بعد ڊي سي ظهور احمد مري ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارشاد سرڪي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ميڊيا کي تفصيل ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا.جيڪب آباد ڀرسان مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهه بخش جکراڻي ۾ پوليو جا ڦڙا پيارڻ لاءِ ويندڙ عورت ورڪر سان زيادتي ڪئي وئي، عورت پوليو ورڪر سان زيادتي جي اطلاع تي ضلعي انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو ڊي سي ۽ ڊي ايڇ او واردات واري هنڌ پهتا.متاثر ٿيل عورت کي ميڊيڪل لاءِ جمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس ميڊيڪل لاءِ جزا ورتا ويندا ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته پوليو ورڪر عورت ڦڙا پيارڻ لاءِ ڳوٺ الهه بخش جکراڻي پهتي ته جوابدارن پسٽل جي زور تي ساڻس زيادتي ڪئي.واقعي بعد ڊي سي ظهور احمد مري ۽ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ارشاد سرڪي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل ميڊيا کي تفصيل ڏيڻ کان لنوائڻ لڳا.