راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ايڇ ڪيو تي حملي ۾ نامزد اٺ جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اٺ نامزد جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.درخواست ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل ملڪ رفاقت علي طرفان داخل ڪئي وئي، ٻڌڻي کانپوءِ عدالت نامزد 8 جوابدارن کي ملٽري ڪورٽس حوالي ڪرڻ جي اپيل منظور ڪري ورتي.جوابدارن علي حسن، لال شاهه، شهريار ذوالفقار، فرهاد خان تي سول لائن ٿاڻي ۾ ڪيس داخل آهي، جڏهن ته جوابدارن ادريس، عمر فاروق، راجا احسان ۽ عبادلله خلاف آري بازار ٿاڻي تي ڪيس داخل آهي، 8 ئي جوابدار اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ قيد آهن.ياد رهي ته ان کان اڳ جناح هائوس لاهور ۽ مردان ۽ پشاور ۾ فوجي ملڪيتن تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي به آرمي ايڪٽ تحت ٽرائل لاءِ ملٽري ڪورٽس حوالي ڪيو ويو آهي.