جي يو آء (ف) ڪينالن جي معاملي تي تحريڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

جي يو آءِ(ف) ڪينالن جي معاملي تي ٿيل احتجاج کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته 24، 25 ۽ 26 اپريل تي جلسا ڪري سنڌ پنجاب بارڊر بلاڪ ڪنداسين. راشد محمود سومرو وفاقي حڪومت کان ڪينالن جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته تحريڪ جي ٻئي مرحلي ۾ ڪنڌڪوٽ، گهوٽڪي ۽ سکر ۾ ڌرڻا هنيا ويندا. ٻئي طرف سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ واري گڏيل منصوبي خلاف سکر، ٻٻرلو باءِ پاس تي وڪيلن جو ڌرڻو چوٿين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويو آهي. هوڏانهن ڪراچي بار گذريل ڏينهن مبينه فائرنگ جي واقعي تي جوڊيشل انڪوائري جو به مطالبو ڪيو جڏهن ته سنڌ بار ڪونسل جو اڄ کان سموري سنڌ ۾ اڻڄاتل مدي جي لاءِ عدالتي  ڪارروائين جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪينال منصوبن جي خلاف حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال به ڪئي وئي جڏهن ته خيرپور ۾ ريلوي ٽريڪ کي به بند ڪيو ويو جنهن کي پوليس ۽ رينجرز جي جوانن بعد ۾ کولرائي ڇڏيو.