جُرم کان تعليم تائين: قيدي دل دراز خان جي پوزيشن

خيبرپختونخواهه جي ضلعي بنون ۾ ميٽرڪ جي امتحانن جي نتيجن ۾ سينٽرل جيل جي قيدي پوزيشن حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو بنون جي سينٽرل جيل ۾ قتل جي ڪيس ۾ قيد دل دراز خان ميٽرڪ جي امتحان ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي، هن پرائيويٽ اميدوار جي حيثيت سان امتحان ۾ حصو ورتو هو دل دراز خان 1200 مان 1005 نمبر حاصل ڪيا. پهرين پوزيشن ايمن حسين حاصل ڪئي انهي 1046 نمبر حاصل ڪيا، ٻئي پوزيشن عائشه حاصل ڪئي انهي 1200 مان 1041 نمبر حاصل ڪيا ميٽرڪ جي امتحان ۾ قيدي دل دراز خان 1005 نمبر حاصل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ياد رهي ته دل دراز خان قتل جي ڪيس ۾ بنون سينٽرل جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي.