پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان کي ڪوبه مسودو نه ڏنو ويو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهين دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته اسان کي مسودو ئي ناهي ڏنو ويو صرف ڪجهه ڄاڻ ڏني وئي آهي جڏهن مسودو ئي ناهي مليو ته اتفاق راءِ ڪهڙي شيءَ تي پيدا ڪرڻو آهي. اسان جو پهريون مطالبو هو ته مسودو اسان کي ڏنو وڃي اسان انهي کي ڏسنداسين.بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته جيڪو مسودو ليڪ ٿيو آهي انهي سان اسان ڪوبه اتفاق نٿا ڪري سگهون. هي ججز کي انهن جي مرضي کان سواءِ ٽرانسفر ڪندا. انهي جو مطلب جڏهن مرضي جي جج کي ٽرانسفر ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو جج اها ڳالهه نه مڃيندو ته انهي کان استعيفيٰ ورتو ويندو. عدليه تي پابندي لڳائي ويندي. جهڙي طرح نئين عدالت بڻجي رهي آهي اهڙي طرح ته هي سپريم ڪورٽ کان سمورا اختيار وٺي ڇڏيندا. اسان جو اهو سوال هو ته جيڪڏهن اوهان آئيني ترميم ڪرڻ چاهيو ٿا ته سمورين پارٽين سان مشاورت ڪريو.هن چيو ته سپريم ڪورٽ کان سمورا اختيار واپس ورتا پيا وڃن، سموريون عدالتون ڪيئن هلنديون، آئيني ترميم جي معاملي تي سڀني پارٽين کي آن بورڊ ورتو ويندو آهي جيڪڏهن قانون جو ڊرافٽ نه آهي ته اتفاق راءِ ڪهڙي شيءَ تي پيدا ڪرڻو آهي.