حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري خطي جي موجوده ڇڪتاڻ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي پنهنجي پوري حر جماعت کي حڪم ڏنو آهي ته هو پاڪستان جي دفاع، سلامتي ۽ انهي جي استحڪام لاءِ هر وقت پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل رهن. رپورٽ موجب پنهنجي هڪ بيان ۾ پير صاحب پاڳارو چيو آهي ته ملڪ جو دفاع، اسان جي لاءِ هر شيءَ کان وڌيڪ آهي، ڪنهن به نازڪ موقعي تي پوري قوم ۽ حر جماعت پنهنجي هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي. پير پاڳاري چيو ته اختلافي سياسي معاملن کي اسان بعد ۾ ڏسنداسين هي وقت سياست جو نه پاڪستان جي تحفظ ۽ دفاع جي باري ۾ سوچڻ جو آهي. پير پاڳاري جو اهڙو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ته والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن جي فوتگين کان پوءِ ڀارت پاڪستان جي خلاف ڪيترائي قدم کنيا آهن، سمورن پاڪستانين کي 48 ڪلاڪن ۾ ڀارت ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڀارت والاريل ڪشمير جي مسلم اڪثريتي علائقي پهلگام ۾ 26 سياحن جي فوتگين کان پوءِ سنڌ طاس معاهدو فوري طور تي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.