پنجاب جي شهر حسن ابدال جي علائقي پنڊ مهري ۾ گهريلو تڪرار هڪ افسوسناڪ واقعي ۾ تبديل ٿي ويو، جتي داماد فائرنگ ڪري پنهنجي سس، سسر ۽ ٻن معصوم ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته بعد ۾ پاڻ کي به گولي هڻي زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو۔پوليس موجب جوابدار ناصر پنهنجي سسر نثار، ساس نسيم اختر، ٻن ورهين جي ڌيءَ ڪائنات ۽ پنج ورهين جي پٽ فلڪ تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سڀئي فوت ٿي ويا۔ لاشون پوسٽ مارٽم لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيون ويون آهن۔پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جي زال واقعي کان اڳ ناراض ٿي پنهنجي والدين وٽ رهندي هئي، جڏهن ته واقعي وقت هوءَ گهر مان نڪري وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جنهن سبب محفوظ رهي۔واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، جڏهن ته پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔