لاهور: آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير حسين حقاني طرفان آمريڪي وڪيل ذريعي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ڏانهن قانوني نوٽيس اماڻيو ويو آهي.نوٽيس ۾ عمران خان کي خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين، اڳوڻي سفير حسين حقاني خلاف ڪوڙا ۽ چڙڏياريندڙ بيان ڏيڻ فوري طور بند ڪري، جيڪڏهن هن ائين نه ڪيو ته سندس خلاف بنا ڪنهن نوٽيس جي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.وڪيل طرفان بني گالا موڪليل نوٽيس ۾ اِهو به چيو ويو آهي ته عمران خان جي بي بنياد الزامن بعد سندس چاهيندڙن حسين حقاني کي سوشل ميڊيا تي هراسان ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين جا بيان انڪري به خطرناڪ آهن جو سندس ڪارڪنن طرفان مخالف راءِ رکڻ وارن سياسي اڳواڻن تي تشدد ۽ هراسان ڪرڻ جو رڪارڊ موجود آهي.نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جهموريت ۾ عسڪري مداخلت تي حسين حقاني جي تنقيد کي سدائين قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو آهي، آمريڪا ۾ ڊپارٽمينٽ آف جسٽس ۾ رجسٽريشن کان سواءِ لابنگ نٿي ڪري سگهجي، حسين حقاني آمريڪي قانون جي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي، پاڪستان يا عمران خان خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ حسين حقاني ڪائي مهم ناهي هلائي.نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته حسين حقاني تي آمريڪا کي عمران خان خلاف ڪرڻ جو الزام ڪوڙو آهي، عمران خان جا حسين حقاني تي مڙهيل الزام ڪيئي ڀيرا ٽي وي توڙي سوشل ميڊيا تي نشر ٿيا.نوٽيس موجب عمران خان جي الزامن سبب حسين حقاني جي ذاتي زندگي متاثر ٿي جڏهن هو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.نوٽيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي خبردار ڪندي چيو ويو آهي ته سندس پارٽي جا ڪارڪن حسين حقاني کي سوشل ميڊيا تي هراسان ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن کيس ڪو نقصان پهتو ته عمران خان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.