سنڌو درياء ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آھي، تازور ملڪ ۾ ٿيندڙ برساتن کان پوءِ سنڌو جي پاڻي جي وھڪرن ۾ مسلسل واڌ ٿي رھي آھي گڊو بئراج تي وچولي ۽ سکر بئراج تي ننڍي ٻوڏ ڊڪلير ڪئي وئي آھي آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج ۾ مٿانھون وھڪرو 4 لک 15 ھزار 466 ڪيوسڪ ھيٽائون وھڪرو 3 لک 78 ھزار 50 ڪيوسڪ آھي سکر بئراج ۾ مٿانھون وھڪرو 3 لک 29 ھزار 122 ڪيوسڪ ۽ ھيٺيائون وھڪرو 2 لک 70ھزار 22 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي جڏھن ته سنڌو درياء جي آخر ۾ واقع ڪوٽڙي بئراج ۾ مٿانھون وھڪرو 1 لک 47 ھزار 147 ڪيوسڪ ۽ ھيٺائون وھڪرو 1 لک 4 ھزار 732 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي درياء ۾ پاڻي جي واڌ سبب ڪچي واري علائقي جون زمينون پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويون آھن.