حيدرآباد ڀرسان هلندڙ ريل گاڏي جي ڇت تان ٻه ڄڻا ڪري پيا، هڪ ڄڻو فوت، هڪ سخت زخمي

حيدرآباد ڀرسان هلندڙ ريل گاڏي جي ڇت تان ٻه ڪري پيا، هڪ ڄڻو فوت، جڏهن هڪ سخت زخمي ٿي پيو.. حيدرآباد  جي  مرزا  ڦاٽڪ ڀرسان هلندڙ ريل گاڏي جي ڇت تان 2 ڄڻا ڪري سخت زخمي ٿي پيا  جن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو پئي ويو ته هڪ زخمي رستي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. جڏھن ٻئي زخمي جو علاج هلندڙ آهي. فوت ٿي ويل جي سڃاڻپ ساجد ولد الهڏتو طور ٿي آھي. جڏھن ته زخمي جي سڃاڻپ رحمت ولد غلام محمد طور ٿي آهي. ٻنهي جو تعلق خيرپور ميرس سان ٻڌايو پيو وڃي.