حيدرآباد: ڊاڪٽر ارشد ابڙو لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر مقرر، نوٽيفڪيشن جاري

  پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو آنڊن جي ڪينسر جي لائيو سرجري ڪندڙ ڊاڪٽر ارشد ابڙو کي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو پرو وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ارشد ابڙو جي پرو وائيس چانسلر طور مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي،  ڊاڪٽر ارشد ابڙو 24 فيبروري 2022 تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪندي آنڊن جي ڪينسر جي پهرين لائيو سرجري ڪئي هئي. ڊاڪٽر ارشد ابڙو پرڏيهي ملڪن ۾ 10 لک کان وڌيڪ رقم ۾ ٿيندڙ آنڊن جي ڪينسر جي سرجري پاڪستان ۾ مفت ۾ ڪري ڪيترين ئي حياتين کي بچائي ورتو.