حڪومت تحريڪ انصاف طرفان 15 آڪٽوبر تي ڏنل احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ لاءِ شرطون مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف ڊي چوڪ اسلام آباد تي 15 آڪٽوبر تي احتجاج جو سڏ واپس وٺڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪرائڻ جي شرط رکي ڇڏي آهي.پي ٽي آءِ ترجمان شيخ وقاص اڪرم نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته حڪومت پارٽي اڳواڻن جي عمران خان سان ملاقات ڪرائي ڇڏي، اسان 15 آڪٽوبر تي احتجاج جو سڏ واپس وٺي ڇڏينداسين.حڪمران پارٽي مسلم ليگ(ن) پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته ملاقات ته بهانو آهي، شنگهائي تعاون تنظيم اجلاس نشانو آهي، حڪومت کي ملاقات ڪرائڻ جي ضرورت نه آهي نه ئي ڪنهن عدالت طرفان هدايت ڏني وئي آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي لاءِ فڪرمند تحريڪ انصاف گهرو وزارت کي خط لکي ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر علي خان ۽ حامد رضا کي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جي اجازت ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.