حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي ختم ٿيندو، چونڊون جڏهن به ٿين اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندو: وزيراعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جي حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو. چونڊون آڪٽوبر، نومبر ۾ جڏهن به ٿينديون ان جو اعلان اليڪشن ڪميشن ڪندو.اسلام آباد ۾ پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. دعا ڪريو اڄ آءِ ايم ايف پروگرام منظور ٿي وڃي اهو لمحو فخريه نه پر فڪريه آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان جنهن جڳهه تي وڃي اوڌر گهرندا آهيون ۽ آءِ ايم ايف کي منٿون ڪندا آهيون اهو زندگي گذارڻ جو طريقو نه آهي. هاڻ ائين ڪم نه هلندو. چين کي محسوس ٿي ويو هو ته پاڪستان پريشان آهي. چين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو.وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت جو مدو 14 آگسٽ تي ختم ٿي ويندو. اليڪشن ڪميشن ايندڙ چونڊن جي تاريخ ڏيندو. چونڊون آڪٽوبر، نومبر ۾ جڏهن به ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ان جو اعلان ڪندو.هن چيو ته وزيراعظم ايندا ويندا رهندا آهن پاڪستان ايجوڪيشن انڊوومنٽ فنڊ قائم دائم رهڻ گهرجي. جيڪا به حڪومت عوام جي ووٽن سان اچي اها تعليم کي پهرين ترجيح ڏئي. تعليم کي هٿي ڏيڻ سياست نه عبادت آهي. اهوئي وقت آهي ته اسان تعليم تي ڌيان ڏيون. هميشه تعليمي وظيفا وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. تعليم ذريعي ئي دنيا ۾ ترقي ٿيندي آهي.