حڪومت :سپريم ڪورٽ بل تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: عدالت سڳوري طرفان طلب ڪرڻ تي حڪومت سپريم ڪورٽ بل تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ عدالت کي نه ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023 تي پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪرڻ تي حڪومت عدالت کي رڪارڊ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

اٽارني جنرل آفيس طرفان پارلياماني ڪارروائي لاءِ گهربل رڪارڊ جي لاءِ اسپيڪر آفيس کي خط لکيو ويو آهي. حڪومتي ذريعن موجب پارلياماني ڪارروائي جي رڪارڊ جو اسيمبلي جو اسپيڪر ڪسٽوڊين آهي ان لاءِ ان جو ڪوبه جواز نه آهي ته پارليامينٽ جي ڪارروائي جو رڪارڊ ڏنو وڃي.

ياد رهي ته عدالت سڳوري گذريل هفتي 2 مئي تي سپريم ڪورٽ بل بابت پارلياماني ڪارروائي جو رڪارڊ طلب ڪيو هو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ قائمه ڪميٽي ۾ ٿيندڙ بحث جو رڪارڊ به طلب ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي هئي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي سلسلي ۾ سياسي پارٽين ۽ وڪيل تنظيمن کان 8 مئي تائين جواب طلب ڪيو هو.